شبنم گل

شبنم گل

شبنم گل

شبنم گل: مشهور ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ ڪمپيئر، شبنم گل، 5 جولاءِ 1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گھر جنم ورتو. سندس اصل نالو رضيه سلطانه آهي. هڪ روايتي بلوچ خاندان جي نياڻي هئڻ ڪري کيس تعليم حاصل ڪرڻ کان مختلف شعبن تائين پهچڻ ۾ ڪافي مشڪلاتون پيش آيون، پر والد جي حوصلي افزائيءَ کيس اڳتي وڌڻ جو اتساهه ڏنو. شبنم گل ابتدائي تعليم سيوهڻ مان ورتي. ان کانپوءِ جوهيءَ، دادو، حيدرآباد ۽ ٺٽي جي تعليمي ادارن مان وڌيڪ تعليم ورتائين. شبنم گل 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان انگريزيءَ ۾ ايم. اي ڪئي. هن پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ ايم. اي سان گڏ ايل. ايل. بي پڻ پاس ڪئي آهي. 1990ع کان هوءَ انگريزي مضمون جي ايسوسيئيٽ پروفيسر طور تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. شبنم گل شاگرديءَ واري زماني کان لکي رهي آهي، گرئجوئيشن ڪرڻ دؤران هن ڪراچيءَ جي اردو اخبار ‘امن’ لاءِ عورتن جا 100 کان مٿي انٽرويو ڪيا ۽ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکيا. 1986ع ۾ هيءَ ريڊيو تي هڪ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ متعارف ٿي، ان دوران ئي هن يونيورسٽيءَ ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي ادبي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. ريڊيو تي ڪمپيئرنگ کان علاوه ڊراما به لکيائين، سندس پهريون ريڊيو لاءِ لکيل ڊرامو ‘اجھاميل ڏيئو’ نشر ٿيو. ان کان پوءِ هن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڊراما لکيا. ساڳئي عرصي ۾ شبنم گل ٻه سال عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران نڪرندڙ عورتن جي رسالي ‘بختاور’ جي ايڊيٽر پڻ رهي ۽ عبرت مئگزين جي ٽيم ۾ پڻ ڪجھه وقت شامل رهي. هن ٻن سالن تائين ‘جاڳواخبار پاران نڪرندڙ ادبي صفحو پڻ سنڀاليو. ريڊيو تي هن ‘سگھڙين سٿ ’ ، ‘سڳنڌ’، ‘صبح مهراڻ’ ۽ ‘رهاڻ’ جهڙن مشهور پروگرامن ۾ ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا. شبنم گل ادب جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن سنڌيءَ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ لکيو آهي. 1990ع کان 1998ع تائين شبنم پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جي سنڌي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪئي. سندس ڪمپيئرنگ کي تمام گھڻو ساراهيو ويو. هن ٽي. ويءَ تي ‘سگهڙين سٿ ’ ، ‘سرتيون’ ۽ ‘سر لطيف’ جهڙا ڪامياب پروگرام ڪيا. پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سيڪريٽري ۽ اُن جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر رهي آهي. شبنم گل 1989ع کان سنڌي ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ متعارف ٿي. هن جون ڪهاڻيون مشهور سنڌي رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. ڪهاڻين ۾ هن انساني نفسيات ۽ سماجي مسئلن کي پنهنجي تحريرن جو محور بڻايو آهي. سندس ڪهاڻين جو مجموعو ‘اڻڄاتل شهر جو نقشو’ 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ان سان گڏوگڏ 1991ع ڌاري شبنم گل شاعريءَ جو آغاز پڻ ڪيو. هن غزل، وائي، بيت، نظم ۽ هائيڪا لکيا آهن. مهان ڪوي شيخ اياز سندس شاعريءَ کي ساراهيندي لکيو آهي ته “شبنم جي شاعريءَ ۾ مرداڻي سماج خلاف ٻڙڪ ٻاهر ڪڍڻ جو حوصلو موجود آهي.” اهڙيءَ ريت شبنم جي طويل نظم ‘خود ڪلامي’ کي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ اهم مقام حاصل آهي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘آخري لفظ‘ 1993ع ۾ شايع ٿيو. شبنم گل اخباري ڪالمن وسيلي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي مستقل لکندي رهي آهي. هن ڪيترن نون ۽ جديد موضوعن کي پنهنجي تحريرن جو مرڪز بڻايو آهي. سندس ڪالم سنڌي، اردو، انگريزي اخبارن: ڪاوش، جنگ، ڊان، امن، عوامي آواز ۽ ايڪسپريس ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. شبنم شاهه لطيف ۽ مغربي شاعرن جو تقابلي جائزو پڻ ڪيو آهي. جن ۾ وليم ورڊز ورٿ، وليم بليڪ، وليم شيڪسپيئر، جان ڪيٽس ۽ جان ڊن شامل آهن. صوفي شاعرن تي سندس تحقيقي مضمون پڻ شايع ٿيندا رهن ٿا. صوفي ازم سان گڏ هن نفسيات، بعد از نفسيات جهڙن موضوعن تي پڻ قلم کنيو آهي. شبنم گل سفرناما به لکيا آهن. شبنم گل ٽيليويزن لاءِ به ڊراما لکيا آهن، جيڪي پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين ۽ هم ٽي وي تي نشر ٿي چڪا آهن. 1988ع ۾ سندس يادگيرين تي لکيل ڪتاب ‘منهنجو سورج مکي’ شايع ٿيو. ٻار ۽ ماءُ جي مقدس رشتي جي حوالي سان لکيل هن ڪتاب کي سٺي موٽ ملي. 2015ع ۾ شبنم جو مَکي ڍنڍ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول ‘مَکي کان موڪلاڻي’ شايع ٿيو آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 2015ع جي بهترين ناول جو اوارڊ پڻ ڏنو آهي. شبنم گل جي شادي 1995ع ۾ سنڌ جي مشهور ادبي گھراڻي جي نامياري محقق اشتياق انصاريءَ سان ٿي، جيڪو سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار انيس انصاريءَ جو فرزند آهي. شبنم کي ٻه ٻار آهن. سندس ٻار عرين انصاري ۽ عرصم انصاري پڻ علم و ادب سان چاهه رکن ٿا ۽ سندن تحريرون اسڪول جي مئگزين ۾ ڇپجنديون رهيون آهن.


لفظ شبنم گلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.07.05  عيسوي

مشهور ليکڪا، شاعره، ڪالم نويس ۽ ڪمپيئر، شبنم گل، 5 جولاءِ 1963ع تي دادوءَ ۾ ڊاڪٽر بشير احمد لاشاريءَ جي گھر جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پشڪن اليگزينڊر
ايم ڪمل
ريحان اعظمي
علي آڪاش
عثمان احساني
اوج علوي
ثناءُ الله ثنائي
رجب آزاد
محمد خان مسرور سيال
فقير شير خان جتوئي شائق
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون